علياڻي محمد ڄام

علياڻي، محمد ڄام: هي بهاولپور رياست جي حاڪم امير محمد مبارڪ خان جي ويجهن عزيزن مان هو ۽ سندس اميرن ۾ پڻ شامل هو. علياڻي محمد ڄام وڏو بهادر هو. ميان عطر خان جي دور ۾ جڏهن سنڌ جي ماڻهن ۽ اميرن وزيرن ميان غلام شاهه ڏانهن خط لکيا ته اوهان اچي سنڌ جي حڪومت سنڀاليو، تڏهن ميان غلام شاهه بهاولپور جي امير محمد مبارڪ خان کان مدد گهري. هن پنهنجي خاص ماڻهن سان لشڪر ڏئي ميان جي مدد لاءِ موڪليو، خاص ماڻهن علياڻي محمد ڄام، محمد فتح خان (محمد مبارڪ خان جو سڳو ڀاءُ)، مهرو خان ۽ احمد خان فيروزائي شامل هئا. روهڙيءَ ۾ ميان عطر خان ۽ ميان غلام شاهه جي وچ ۾ خونريز لڙائي لڳي، جنهن ۾ عطر خان کي شڪست آئي ۽ اهو ڀڄي قلات هليو ويو. ميان غلام شاهه فتح جي خوشيءَ ۾ ٻين سان گڏ محمد ڄام علياڻيءَ کي به انعام ۽ اڪرام ڏنا.


لفظ علياڻي محمد ڄامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو